علي محمد ڀٽو

علي محمد ڀٽو: علي محمد ڀٽو ولد حڪيم نور محمد ، 23 سيپٽمبر 1908ع تي ڳوٺ پير بخش ڀٽي ( ميرپور ڀٽي ) تعلقي رتيديري ۾ جنم ورتو . ابتدائي تعليم ڳوٺ پير بخش ڀٽي جي سنڌي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين ، ان کان پوءِ لاڙڪاڻي مدرسي ، جيڪب آباد هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو . 1929ع ۾ مٺڻ ڪوٽ پنجاب ۾ آبپاشي کاتي ۾ نوڪري ڪيائين . 1930ع ۾ سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي ۾ ڪلارڪ/ ٽائيپيسٽ مقرر ٿيو . چيمبرس آف ڪامرس ڪراچيءَ ۾ ڪورس ڪرڻ کان پوءِ اسٽينوگرافر انگريزي مقرر ٿيو . رائل ڪاليج صدر ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ اسپيڊ ڪلاسز ۾ داخلا ورتائين ، جتي پوءِ ٽيچر مقرر ٿيو . 1931ع کان 1936ع تائين جيمس آباد ، ميرپور خاص ۽ سکر بدلي ٿي آيو ، جتي سکر بئراج جي آفيس ۾ انجنيئرنگ کاتي ۾ ملازم ٿيو ۽ بئراج ڪالوني سکر ۾ رهائش اختيار ڪيائين . 1939ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ انگريزيءَ جو آفيشل رپورٽر مقرر ٿيو ، 1940ع ۾ سنڌي رپورٽر مقرر ٿيو . 1952ع ۾ رضاڪارانه طور رٽائرمينٽ حاصل ڪري ٽي اخبارون ، ” دي اسٽيٽ سرونٽ “ هفتيوار ، ” حمايت حق “ ۽ ” پاڪستاناردو ۾ هڪ ئي وقت ڪراچي ، حيدرآباد ، لاڙڪاڻي ۽ سکر مان جاري ڪيائين . محمد ليٿو پريس اسٽيٽ ، سرونٽ پريس ، فضل پرنٽنگ پريس قاضي عبدالقيوم روڊ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي پريسن مان ڇپائي پڌرو ڪرڻ لڳو . 1955ع ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙي کيس واپس نوڪريءَ ۾ رکيو ، بعد ۾ زراعت کاتي حيدرآباد ۾ پبلسٽي آفيسر رهيو ، خيرپور ۾ بدلي ٿيڻ بعد واپس اولهه پاڪستان اسيمبلي لاهور ۾ آفيشل رپورٽر مقرر ڪيو ويو . ان دوران ايوب خان طرفان کيس بنيادي جمهوريت ۾ عوامي نمائندن آفيسرن جي سکيا لاءِ آفيسر مقرر ڪيو ويو ، جتي عبدالحميد خان جتوئي ، نصر الله ڪلهوڙي ۽ محمد صالح ٻُٽ کي پڻ هن سکيا ڏني . 1962ع کان مارچ 1965ع تائين لاهور ۾ اسيمبليءَ ۾ نوڪري ڪيائين ۽ رٽائرمينٽ ورتائين . رٽائرمينٽ کان پوءِ خيرپور ميرس ۾ ’قائد ڪمرشل ڪاليج جو افتتاح ‘ اُن وقت جي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڪئپٽن محمد عثمان عيساڻيءَ کان ڪرايائين ، بعد ۾ اهو ڪاليج حيدر چوڪ حيدرآباد منتقل ٿي ويو ، جتي شاگرد ٽائيپ ۽ شارٽ هئنڊ سکندا هئا . علي محمد ڀٽي ” سنڌي آواز نويسيءَ “ جا ٽي ڀاڱا ۽ ٽنهي ڀاڱن جي لاءِ ان جي ’ڪنجي ‘ تيار ڪئي ۽ ’سنڌي آواز نويسيءَ جي لغت ‘ به تيار ڪئي ، جيڪا لغت سنڌ اسيمبلي ۽ ڪورٽ ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ ۽ سيڪريٽريٽ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ تي ٻڌل اندازاً 700 کان 1000 لفظن تي مشتمل آهي . ان کان سواءِ ملاوتي حرفن جا 12 جلد تيار ڪرڻ دوران 31 مارچ 1987ع تي وفات ڪري ويو ، هڪ پٽ هڪ بيواهه ۽ چار نياڻيون سوڳوار ڇڏيائين .


لفظ علي محمد ڀٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو